برهان فقير

برهان فقير: برهان فقير ميرن جي شروعاتي دور جو مشھور بزرگ ٿي گذريو آهي. سندس والد يعقوب دل، تعلقي ميرپورخاص جي ديھه ڪاڪ جو رهندڙ هو. اِهو ڳوٺ هاڻي برهان فقير جي نالي سان مشھور آهي. هن سيد محمد صابر سھروردي وٽ تعليم حاصل ڪئي. علميات خاطر ڪيترائي سفر ڪرڻ کان پوءِ آخر ۾ مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي جي مريدي اختيار ڪئي. روايت آهي ته ديھه ڪاڪ ۾ سندس مدرسو پڻ هو، جتي درس ڏيندو هو. مير علي شير قانع ٺٽوي جي وقت ۾ برهان فقير حيات هو، جنھن لاءِ قانع ٺٽوي ’معيار سالڪان طريقت‘ ۾ لکي ٿو ته: ”اڪثر مستي واري حالت ۾ رهي ٿو، ڪن ڳالهين جي ڪري ظاهري عالم سندس خلاف ٿيا ۽ کيس تعزير ڏنائون.“ ’آئينه جھان نما‘ جو مصنف لکي ٿو ته: ”برهان فقير علم جي زور تي هڪ کٽولي تي اڏامي ڏيکاريندو هو، جنھن سبب ڪيترائي ماڻهو سندس مريد ٿيا.“ کھڙن وارو مخدوم احمدي، جنھن کي افغانستان جي بادشاهه تيمور شاهه پاران شرعي حڪمن جي تعميل جو پروانو مليل هو، تنھن سيد جمال شاهه (گهوٽڪي وارو)، سيد محمد راشد شاهه (روضي ڌڻي) ۽ ڪجهه ٻين عالمن سان گڏ حيدرآباد پھچي مير فتح علي خان کان سندس ٻانهن گهري ۽ کيس کھڙن ۾ وٺي وڃي سزا ڏني. کيس زنجيرن ۾ جڪڙي هڪ ڪوٺيءَ ۾ قيد ڪري، پير محمد راشد کي نگران مقرر ڪيو ويو. ڇھن مھينن بعد پير محمد راشد معرفت آزاد ٿيو. سندس مزار ڳوٺ برهان فقير، ديھه ڪاڪ، تعلقي ميرپورخاص ۾ موجود آهي. مٿس قبو اڏيل آهي، جتي هر سال ذوالقعد جي 14 تاريخ تي ٽن ڏينھن جو ميلو لڳي ٿو.


لفظ برهان فقيرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو